چانڊيو، عبدالرزاق

چانڊيو، عبدالرزاق

عبدالرزاق چانڊيو

عبدالرزاق چانڊيو : ادب دوست ڪامورو ۽ ليکڪ عبدالرزاق چانڊيو، ولد نبي بخش خان چانڊيو، ڳوٺ ڪنڊي چانڊيي تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ 15 آگسٽ 1945ع تي ڄائو، تعليمي حوالي سان بي. ڪام، ايم. اي (اڪنامڪس) ۽ ايل. ايل. بي آهي. عبدالرزاق چانڊيي 20 جنوري 1975ع کان سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد (ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ) 17هين گريڊ ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو. جتي 1985ع ۾ ترقي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر/سيڪريٽري (گريڊ 18) ٿيو. 91-1990ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سچل اڪيڊمي خيرپور مقرر ٿيو، جتان 92-1991ع ۾ ٻيهر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي آيو. 1993ع ۾ کيس 19 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، عبدالرزاق چانڊيو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ 1975ع کان 12 نومبر 2004ع تائين لڳ 30 سال انتظامي عهدي تي رهيو، بعد ۾ 13 نومبر 2004ع کان 14 آگسٽ 2005ع تائين لياقت ميموريل لائبريري ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو، جتان ئي هن نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. عبدالرزاق چانڊيي وٽ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج 1992ع کان 1994ع تائين رهي. اهڙيءَ ريت وٽس 1992ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي اضافي چارج پڻ رهي. ساڳيءَ ريت هن وٽ سنڌ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جي اضافي چارج 1997ع کان 1998ع تائين رهي. 2003ع ۾ هو ڊائريڪٽر سنڌ ميوزيم به رهيو، ان کان سواءِ عبدالرزاق چانڊيي وٽ 1996ع کان 1997ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي سيڪريٽري جي واڌو چارج پڻ رهي. عبدالرزاق چانڊيي مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي عمارت جي اڏاوت کان سواءِ اتي خوبصورت آڊيٽوريم، ٻه آرٽ گئلريون، ٻه مک هال پڻ ٺهرايا. هن مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي احاطي ۾ هڪ خوبصورت پارڪ ۽ باغ پڻ رکرايو. هن ننڍن ملازمن جي رهائش لاءِ ڪوارٽر به تعمير ڪرايا، هن پنهنجي دور ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ سوين ثقافتي ۽ سماجي پروگرام ڪرايا. مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآبادپاران ڇهه اهم ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جو قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ’نور القرآن‘ (ٻيو ڇاپو) پڻ شامل آهي، هن پنهنجي دور ۾ پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ سنڌي لوڪ ثقافتي نماءَ ڪرايا ۽ موسيقي ۽ آرٽ جي ميدان ۾ ڪيترن باصلاحيت فنڪارن ۽ آرٽسٽن کي متعارف ڪرايو. رٽائرمينٽ کان پوءِ عبدالرزاق چانڊيي ’اندر روح رهيام‘ عنوان سان مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي تاريخ تصويرن جي آئيني ۾ لکي تيار ڪئي آهي، جيڪا ڇپجي نه سگهي آهي. ملازمت تان فارغ ٿيڻ کانپوءِ عبدالرزاق چانڊيو، قاسم آباد ۾ پيپلز پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو آهي ۽ اڃا تائين سندس وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهي.


لفظ عبدالرزاق چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.08.15  عيسوي

ادب دوست ڪامورو ۽ ليکڪ عبدالرزاق چانڊيو، ولد نبي بخش خان چانڊيو، ڳوٺ ڪنڊي چانڊيي تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ 15 آگسٽ 1945ع تي ڄائو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خان عبدالغفار خان
ڊيلز جارج فرينڪلن
ذوالفقار شاهه
گلڻ فقير جکراڻي
عزيز مصر
بهاول خان عباسي
ابوبڪر شيخ
رئيس ضياءُ الدين ضيا
ڀاڳ ڀان
ديوان نرمل داس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون